”براس“ ۽ سنڌي مزاحمتي تنظيم “ايس آر اي” جي  ”مشترڪہ محاذ“ جي قيام جو اعلان

0
89

(July,26,2020)

بلوچ آزادي پسند ھٿيار بند تنظيمن جي اتحاد ”بلوچ راجي آجوئي سنگر“ ( براس ) جي ترجمان بلوچ خان ميڊيا ۾ ھڪ بيان جاري ڪندي چيو آھي تہ بلوچ آزادي پسند مزاحمتي تنظيمن جي اتحاد ”براس“ ۾ شامل تنظيمن بلوچ لبريشن آرمي (بي ايل اي)، بلوچستان لبريشن فرنٽ (بي ايل ايف)، بلوچ ريپبليڪن آرمي ( بي آر اي) ، بلوچ ريپبليڪن گارڊس (بي آر جي) ۽ سنڌ جي آزادي پسند مزاحمتي تنظيم سنڌوديش رووليوشنري آرمي (ايس آراي) جي ڪمانڊرن جو گڏيل اجلاس ھِڪ ڳجھي ھنڌ ٿي گذريو۔ جنھن ۾ مقبوضہ بلوچستان ۽ مقبوضہ سنڌ جي پاڪستاني  قبضي مان آزاديء جي لاءِ بلوچ ۽ سنڌي قوم جي مزاحمتي تنظيمن جو ھِڪ مُشترڪہ محاذ ، مُشترڪہ حڪمت عملي ۽ لائحہ عمل ٺاھڻ ۽ خطي جي تازہ جيو پوليٽيڪل ۽ اسٽريٽجڪ صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو

گڏيل اجلاس ۾ انھيء تاريخي حقيقت تي اتفاق ڪيو ويو تہ سنڌي ۽ بلوچ قوم جا پاڻ ۾ ھزارن سالن کان تاريخي ، سياسي تھذيبي ۽ ثقافتي ڳانڍاپي وارا تعلقات رھندا پئي آيا آھن ۽ موجودہ حالات ۾ ٻنھي قومن جو مشترڪہ مقصد قومي آزادي جي حاصلات آھي ۽ ٻنھي قومن جو مشترڪہ دُشمن پاڪستان (پنجاب) سامراج آھي. انڪري ٻنھي تاريخي ۽ پاڙيسڙي قومن جو اتحاد ۽ ”مُّشترڪہ مزاحمتي محاذ“ جي تشڪيل اڄ جي حالتن ۾ وقت جي اھم ضرورت آھي

انھيء کان علاوہ سنڌ ۽ بلوچستان ھِن وقت پاڪستان ۽ چين جي توسيع پسندانہ عزائم ۽ قبضاگيريت کان ھِڪ جيترا متاثر ٿي رھيا آھن. چائنا_ پاڪستان اڪانامڪ ڪاريڊور (سيپيڪ) جي ذريعي ٻئي سامراجي مُلڪ سنڌ ۽ بلوچستان کي مُڪمل قبضي ۾ رکي ھِن خطي اندر پنھنجي ناجائز سياسي، معاشي ۽ عسڪري مفادن کي حاصل ڪرڻ چاھين ٿا ۽ گوادر کان وٺي بدين تائين اسانجي ساحل ، وسيلن ۽ سمنڊ تي پنھنجو دائمي قبضو ڄمائڻ چاھين ٿا

سنڌ ۽ بلوچستان جي سموري سامونڊي ساحلي پَٽي نہ صرف ھِندي سمنڊ سان مليل آھي پر آبنائي ھرموز جي اھم ترين عالمي بحري گذرگاھ پڻ ھن ئي خطي سان وابسطہ آھي

چين ۽ پاڪستان خليجِ فارس (بحرِ بلوچ) ۽ ھِندي سمنڊ ۾ پنھنجي عسڪري ۽ جنگي طاقت کي وڌائڻ لاءِ بلوچ ۽ سنڌي ساحل ۽ سمنڊ کي تيزيء سان قبضي ۾ آڻڻ لاءِ پنھنجن توسيع پسند عزائمن جو نشانو بڻائي رھيا آھن

ھِن اھم خطي ۾ چين ۽ پاڪستان جي تيزيء سان وڌندڙ توسيع پسنداڻي سياسي، معاشي ۽ عسڪري طاقت کي روڪڻ لاءِ ھندستان سميت ٻين سمورين علائقائي ۽ عالمي طاقتن کي بہ سنڌي ۽ بلوچ محڪوم قومن سان گڏ بيھڻو پوندو ڇو جو اھا ئي صفبندي ، تعاون ۽ مدد سڀني جي مُشترڪہ قومي مفادن ، علائقائي ۽ عالمي امن ۽ استحڪام کي بچائي سگھي ٿي

اٺ ھزار سال پُراڻي ”سِنڌو تھذيب“ جي وارث سنڌي قوم ۽ يارنھن ھزار سال پراڻي ”مھر ڳڙھ“ تھذيب جي مالڪ بلوچ قوم ھزارن سالن کان وٺي ھِن ڌرتيءَ جا وارث ۽ مالڪ آھن، جيڪي تاريخ جي مختلف دورن ۾ مختلف حملي آورن، قابض ۽ لُٽيرن خلاف مزاحمت ڪندا ھميشہ پنھنجي ڌرتي، تھذيب ۽ آزادي جي حفاظت ڪرڻ ۾ ڪامياب رھيا آھن

اڄ تاريخ جي ھِن موڙ تي اسين ھِڪ دفعو ٻيھر غير فطري رياست پاڪستان (پنجاب) جي صورت ۾ ھِڪ ٻئي حملي آور ، قابض ۽ لٽيري سان مھاڏو اٽڪايون بيٺا آھيون

وقت اچي ويو آھي تہ ھِڪ مشترڪہ محاذ جي ذريعي سنڌي ۽ بلوچ انھي قابض لٽيري کي بہ پنھنجي پنھجي سرزمينن تان شڪست ڏئي ٻاھر ڪڍن

بلوچ ۽ سنڌي قومن جي تاريخي تعلقاتن ، مُشترڪہ قومي مفادن ۽ وقت جي تقاضائن کي ڏسندي بلوچ مزاحمتي تنظيمن جي اتحاد ”براس“ ۽ سنڌي آزادي پسند تنظيم ”ايس آر اي “ پاران مُشترڪہ دُشمن پاڪستان جي خلاف ھِڪ مُتحدا محاذ جي ٺاھڻ جو اعلان ڪجي ٿو

ھي ”اتحاد“ پاڪستاني استعماري شڪنجي ۾ قيد ٻين مظلوم ۽ محڪوم قومن ۽ مزاحمتي تنظيمن سان پڻ اتحاد جي طئي ڪيل نقطن ، اصولن ۽ ضابطہءِ اخلاق تحت رابطا قائم ڪندو تہ جيئن پاڪستان جي خلاف ھِڪ وسيع ۽ پائدار اتحاد ٺاھي سگھجي ۽ پاڪستان اندر قيد سمورين مظلوم ۽ محڪوم قومن جي آزادي کی  يقيني بڻائي سگھجي

پريس بيان جاري ڪندڙ

(بلوچ خان (ترجمان

بلوچ راجي آجوئي سنگر

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here