سائين جي ايم سيد جو قومي فڪرسنڌ جي آزادي جو ضامن آهي؛ايس آر اي

0
537
سائين جي ايم سيد جو قومي آزاديء جو فڪر ئي مادرِ وطن سنڌ ۽ سنڌي قوم جي آزادي،خوشحالي ۽ روشن مستقبل جو ضامن آھي، جنھن تي پوري سچائيءَ ۽ ايمانداريء سان بنا ڪنھن خوف ۽ لالچ جي مزاحمتي جدوجھد ڪري پنھنجي منزل ماڻي سگھجي ٿي ؛ ايس آر اي
(ايس آر اي اسٽيٽمينٽ ؛ 25 اپريل 2021ع)
سنڌوديش رووليوشنري آرمي (ايس آر اي) رھبرِ سنڌ سائين جي ايم سيد جي 26 وين ورسيءجي موقعي تي پنھنجو بيان جاري ڪندي چيو آھي تہ ”مادرِ وطن سنڌ ۽ سنڌي قوم اڄ جن حالتن مان گذري رھيا آھن،اھي سنڌ جي قومي وجود جي بقا ۽ تشخص لاءِ انتھائي نازڪ ۽ خطرناڪ آھن. ھِڪ طرف پنجاب سامراج پنھنجي پوري فوجي طاقت ذريعي سنڌ تي سياسي،اقتصادي, ثقافتي ۽ جاگرافيائي طور تي قبضو ڪيو ويٺو آھي تہ ٻئي طرف چائنا سان گڏجي سيپيڪ منصوبي جي نالي ۾ سنڌي سمنڊ ، بندرگاھن ، شاھراھن ، ٻيٽن ۽ توانائي جي سمورن وسيلن کي ھڙپ ڪرڻ چاھي ٿو.
اڄ جون حالتون بلڪل سائين جي ايم سيد جي آخري تقرير جي ھِنن لفظن جي عڪاسي ڪن ٿيون تہ
” جيڪڏهن توهان ايندڙ خطرن ۽ طوفانن جي ان ادراڪ ۽ احساس کي پنهنجي دل ۾ ايئن محسوس ڪيو، جيئن مون محسوس ڪيو ۽ ڏٺو آهي ته پوءِ توهان ڪامياب ۽ ڪامران هوندؤ. ٻيءَ صورت ۾ غافل، ڪاهل ۽ لالچي قومن ۽ فردن جو انجام تاريخ جي صفحن ۾ عبرتناڪ ٿيندو آهي.“
سائين جي ايم سيد جي انھيء دُور انديش آخري خُطبي وانگر اڄ مادرِ وطن سنڌ مٿان اُھي ئي ساڳيا خطرا ۽ طُوفان لاحق آھن.اسانجي سرزمين اسانجي پيرن ھيٺان نڪرندي پئي وڃي ،اسين پنھنجي وطن ۾ ئي بي وطن ۽ اقليت ۾ تبديل ٿيندا پيا وڃون.قومي غلامي جي انھي بدترين صورتحال مان نڪرڻ لاءِ اسانکي بحيثيت ھِڪ قوم مُتحد ۽ مُنظم ٿي قابض پنجاب سامراج ۽ اُنجي اتحادين خلاف فيصلا ڪُن جنگ وڙھڻي پوندي.تڏھن ئي اسين پنھنجي وطن،جاگرافي،ٻولي , سمنڊ،درياء ۽ وسيلن کي بچائي سگھون ٿا.پر جيڪڏھن اڃا بہ لاتعلق ،غافل،سست بڻجي خوف ۽ لالچ ۾ رھياسين تہ پنھنجو وطن ۽ وجود وڃائي ويھي رھنداسين.
سائين جي ايم سيد جي ورسيءَ جي موقعي تي ايس آر اي مادرِ وطن سنڌ، سنڌي قوم ۽ سيد جي فڪر کي اول ۽ آخر سمجھندي ھِڪ دفعو ٻيھر سنڌي قوم باالخصوص سنڌي نوجوانن کي قومي فڪر ، مزاحمت ۽ ايس آر اي جي ساٿ ڏيڻ جو سڏ ڏئي ٿي ۽ مزاحمتي جدوجھد تيز ڪرڻ جو وچن ورجائي ٿي.
سوڍو سنڌي (ترجمان)
سنڌوديش رووليوشنري آرمي (ايس آر اي)