سائين جي ايم سيد جي 25 هين ورسيء جي موقعي تي کيس قومي سلام پيش ڪجي ٿو ؛ ايس آر اي

0
920

رهبرِ سنڌ سائين جي ايم سيد سنڌ جي شاندار ماضي ۽ حال کي جوڙي اسانکي پنهنجي تاريخي شناخت ، وطن ۽ قومي وجود سان روشناس ڪرايو.سنڌ وطن مٿان درپيش خطرن سميت پنجابي سامراجي ۽ فوجي والار کان آگاھ ۽ خبردار ڪيو. انهن خطرن سان مقابلو ڪرڻ ۽ پاڪستاني قبضي مان سنڌ کي آزاد ڪرائڻ لاءِ پنهنجو قومي فِڪر ۽ نظريو ڏنو

هاڻ وقت اچي ويو آهي ته سنڌي قوم رهبرِ سنڌ سائين جي ايم سيد جي قومي آزاديء جي فِڪر ۽ ٻڌايل رستي تي هلندي قبضا آور پنجاب سامراج جي غلاميءَ مان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ مُتحد ٿي فيصلا ڪُن جدوجهد ڪري ڇوته پنهنجي قومي وجود کي زندھ رکڻ لاءِ ان کانسواء ٻيو ڪوبه رستو ناهي

هِن موقعي تي سنڌوديش رووليوشنري آرمي هِڪ دفعو ٻيهر سنڌ جي مُڪمل آزاديءَ تائين پنهنجي جدوجهد جاري رکڻ جو عزم ورجائي ٿي

(سوڍو سنڌي (ترجمان)

(سنڌوديش رووليوشنري آرمي (ايس آر اي