سنڌو ديش رووليوشنري آرمي شهيد نياز لاشاريءَ کي قومي سلام پيش ڪندي اڄ ڪراچي،لاڙڪاڻو ۽ گهوٽڪيءَ ۾ پاڪستاني رينجرز تي ڪيل حملن جي ذميواري قبول ڪري ٿي

0
154

سنڌوديش رووليوشنري آرمي جي ترجمان سوڍو سنڌي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته شهيد سميع الله ڪلهوڙو کان وٺي شهيد نياز لاشاريءَ تائين رياستي ادارن هٿان کنڀي گُم ڪيل ۽  شهيد ڪيل سمورا قومي ڪارڪن مادرِ وطن سنڌوديش جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪندڙ سنڌ جا قومي ۽ سياسي ڪارڪن آهن. جن کي پاڪستاني رياستي ادارا ۽ فورسز  گهرن ۽ رستي ويندي اغوا ڪري سالن جا سال پنهنجي ٽارچر سيلن  ۾ بدترين تشدد جو نشانو بڻائڻ کانپوءِ انهن جا چچريل ۽ گوليون لڳل لاش روڊن رستن تي اڇلائيندا رهيا آهن

سنڌوديش رووليوشنري آرمي (ايس آر اي) انهن سمورن شهيدن کي پنهنجو ڪندي اُنهن شهيدن جي وهايل رت جي هِڪ هِڪ ڦُڙي جي پلاند جو عزم ڪري ٿي

پاڪستاني رياست سنڌ وطن  مٿان پنهنجي پنجابي فوج ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ذريعي قبضو ڪيو ويٺي آهي. سنڌ وطن جي زمين، درياھ ، سمونڊ ۽ وسلين سميت ڪنهن به شيء تي ڌارئي سامراج جو ڪوبه قبضو قبول نه ڪنداسين. سنڌ جي سامونڊي ساحل ، زمين ۽ وسيلن جي ڦُرلٽ ۽ قبضي ۾ شامل پنجاب ۽ چين جي گڏيل طور سيپيڪ سميت سمورن قبضاگير منصوبن تي حملا جاري رکنداسين

سنڌوديش رووليوشنري آرمي شهيد نياز لاشاريء کي قومي ۽ انقلابي سلام پيش ڪندي ان جي پلاند طور اڄ ڪراچي،لاڙڪاڻو ۽ گهوٽڪيءَ ۾ پاڪستاني رينجرز تي حملن جي ذميواري قبول ڪري ٿي.جن حملن  ۾ گهوٽڪيءَ ۾ رينجرز جي ويگو گاڏي تي ڪيل حملي ۾ رينجرز جي ڊي ايس آر سميت 4 رينجرز اهلڪار مارجي ويا آهن ۽ 2  زخمي ٿيا آهن. گهوٽڪي جي بم ڊسپوزل گاڏي تي ڪيل حملي ۾ بم ڊسپوزل انچارج مارجي ويو آهي ۽ 2 اهلڪارزخمي ٿيا آهن

ڪراچي جي لياقت آباد واري علائقي ۾ هڪ ڪئمپ ٻاهران رينجرز جي بيٺل گاڏي تي ڪيل حملي ۾  2 رينجرز اهلڪار مارجي ويا آهن ۽ 4 زخمي ٿيا آهن

لاڙڪاڻو جي چانڊڪا ڪاليج سامهون رينجرز چوڪي تي بيٺل اهلڪارن تي ڪيل حملي ۾ هِڪ اهلڪار مارجي ويو آهي ۽ 4 زخمي ٿيا آهن

سنڌوديش رووليوشنري آرمي پنهنجي تاريخي مادر وطن سنڌ جي مُڪمل آزاديء تائين پنهنجي جدوجهد جاري رکڻ جو عزم دُهرائي ٿي

سوڍو سنڌي _ترجمان

سنڌوديش رووليوشنري آرمي _ايس آر اي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here