يومِ سنڌوديش سنڌي قوم لاءِ ”تجديدِ عهدِ وفا“ جو ڏينهن آهي؛ايس آراي ڪمانڊر شاھ عنايت

0
212
31 مارچ يومِ سنڌو ديش ”تجديدِ عهدِ وفا جو ڏينهن“
ايس آر اي ڪمانڊر شاھ عنايت 31 مارچ يومِ سنڌوديش جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ”اڄوڪو ڏينهن سنڌي قوم لاٰء تاريخ ساز ۽ تجديدِ عهدِ وفا جو ڏينهن آهي،جنهن ڏينهن تي سائين جي ايم سيد جديد قومپرستيء جي بنياد تي سنڌوديش جو واضح ۽ چٽو اعلان ڪندي سنڌي قوم ۽ سموري دنيا آڏو واضح ڪيو ته
” سنڌ جا رهاڪو زبان،ڪلچر،تواريخي روايات، سياسي ۽ اقتصادي مفاد جي بنياد تي جداگانه قوم آهن ۽ تاريخي قوم جي حيثيت ۾ سياسي، اقتصادي، ڪلچرل آزادي، خوشحالي ۽ ترقي لاءِ پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ جا حقدار آهن. جنهن لاءِ انهن کي سنڌو ديش حاصل ڪرڻ لاءِ اڳتي اچي جدوجهد ڪرڻ گھرجي .
سنڌوديش برِصغير ۾ هزارين ورهين کان جدا گانه تاريخي مُلڪ رهيو آهي ۽ دنيا جي ٻين آزاد ملڪن وانگرکيس پنهنجي آزاد فيصلي ڪرڻ جو مُڪمل حق آهي.“
اهو ئي سبب آهي جو 31 مارچ 1972ع تي سائين جي ايم سيد پاڪستان کان بيزاريءَ جو اظهارڪندي باضابطا طور سنڌوديش جي آزاديء جو اعلان ڪيو.
ايس آر اي ڪمانڊر چيو ته اڄ جي حالتن ۾ سنڌي قوم پنهنجي وطن سنڌ مٿان قابض پنجاب سامراج ، ڌاري آبادڪاري، وسيلن جي ڦرلٽ، CPEC ۽ مذهبي انتهاپسندي سميت درپيش سمورن حملن ۽ خطرن کي صرف سائين جي ايم سيد جي قومي آزاديء واري فڪر سان ئي هٿياربند ٿي دشمن کي شڪست ڏئي سگهي ٿي.
انڪري اچوته سڀ سنڌي (سنڌي-اردو ڳالهائيندڙ ) گڏجي يومِ سنڌو ديش جي ڏهاڙي کي ” تجديدِ عهدِ وفا جو ڏينهن“ ڪري ملهايون ۽ ان عزم کي هِڪ دفعو ٻيهر ورجايون ته اسين رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي ڏسيل واٽ تي هلندي آزاد،خودمختيار،سيڪيولر ۽ جمهوري رياست سنڌوديش جي حاصلات تائين پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين .
سوڍو سنڌي (ترجمان)
سنڌوديش رووليوشنري آرمي (ايس آراي)

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here