يوم سنڌوديش سنڌي قوم لاء تاريخ ساز ۽ تجديدِ عهدِ وفا جو ڏينهن آهي

0
785
يوم سنڌوديش جي موقعي تي پيٍغام
 
ايس آر اي ڪمانڊر شاھ عنايت 31 مارچ يومِ سنڌوديش جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ”اڄوڪو ڏينهن سنڌي قوم لاء تاريخ ساز ۽ تجديدِ عهدِ وفا جو ڏينهن آهي،جنهن ڏينهن تي سائين جي ايم سيد جديد قومپرستيء جي بنياد تي سنڌوديش جو واضح ۽ چٽو اعلان ڪندي سنڌي قوم ۽ سموري دنيا آڏو واضح ڪيو ته
 
” سنڌ جا رهاڪو زبان، ڪلچر، تواريخي روايات، سياسي ۽ اقتصادي مفاد جي بنياد تي جداگانه قوم آهن ۽ تاريخي قوم جي حيثيت ۾ سياسي، اقتصادي، ڪلچرل آزادي، خوشحالي ۽ ترقي لاءِ پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ جا حقدار آهن. جنهن لاءِ انهن کي سنڌو ديش حاصل ڪرڻ لاءِ اڳتي اچي جدوجهد ڪرڻ گھرجي .
سنڌوديش برِصغير ۾ هزارين ورهين کان جدا گانه تاريخي مُلڪ رهيو آهي ۽ دنيا جي ٻين آزاد ملڪن وانگرکيس پنهنجي آزاد فيصلي ڪرڻ جو مُڪمل حق آهي.“
 
اهو ئي سبب آهي جو 31 مارچ 1972ع تي سائين جي ايم سيد پاڪستان کان بيزاريءَ جو اظهارڪندي باضابطا طور سنڌوديش جي آزاديء جو اعلان ڪيو.
 
ايس آر اي ڪمانڊر چيو ته اڄ جي حالتن ۾ سنڌي قوم پنهنجي وطن سنڌ مٿان قابض پنجاب سامراج ، ڌاري آبادڪاري، وسيلن جي ڦرلٽ، CPEC ۽ مذهبي انتهاپسندي سميت درپيش سمورن حملن ۽ خطرن کي صرف سائين جي ايم سيد جي قومي آزاديء واري فڪر سان ئي هٿياربند ٿي دشمن کي شڪست ڏئي سگهي ٿي.
 
انڪري اچوته سڀ سنڌي گڏجي يومِ سنڌو ديش جي ڏهاڙي کي ” تجديدِ عهدِ وفا جو ڏينهن“ ڪري ملهايون ۽ ان عزم کي هِڪ دفعو ٻيهر ورجايون ته اسين رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي ڏسيل واٽ تي هلندي آزاد،خودمختيار،سيڪيولر ۽ جمهوري رياست سنڌوديش جي حاصلات تائين پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين ۽ پنهنجون سڀ صلاحيتون ۽ توانائيون سنڌوديش جي آزاديء جي جدوجهد کي تيز ڪرڻ لاء وقف ڪنداسين.